اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??عاشي انگ اکر مثبت آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معيشت کي ساراهي رهيا آهن، پ??نش?? سڌارن تي تجويزون طلب ڪيون آهن، جڏهن تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز م ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??لڪ تاريخ جي ان موڙ تي بيٺل آهي جتي سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته ??عيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معيشت جي حوالي سان سمورا انگ اکر مثبت آهن، سموريُون عالمي اخبارُون ۽ رسالا پاڪستاني معيشت جي حوالي سان قدمن کي ساراهي رهيا آهن جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ??عاشي انگ اکر مثبت هجڻ سان گڏوگڏ سئو سيڪڙو صحيح به آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??زيراعظم اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين خرچن ۾ گهٽتائي جي ڳالهه ڪئي، حڪومت جتي روينيو ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، اتي خرچن ۾ گهٽتائي پڻ ڪئي. پ??نش?? سڌارن بابت هن چيو ته گذريل ڪجهه هفتن کان ميڊيا تي پ??نش?? سڌارن جي حوالي سان قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن هڪ اداري سان ڳنڍيو پيو وڃي. هن چيو ته ????نش?? سڌارن جي حوالي سان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن، انهن تجويزن ??ي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته غلط فهمي ۽ قياس آرائين کان بچڻ جي لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪو به معاملو ڪابينا، حڪومت يا ڪنهن به فورم ??ي غور هيـٺ اچي، ان کي ميڊيا آڏو رکيو وڃي ته جيئن ان تي مناسب تجويزون اچي سگهن، اهڙي طرح اسان پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کان پڻ بچي سگهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته ??لازمن جي سروس جو عرصو وڌائڻ جي حوالي سان تجويز ??ي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن اهي تجويزون حتمي شڪل اختيار ڪري وينديون ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.