اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان قط?? سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قط?? جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قط?? پرڏيهي مملڪتي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي وزيراعطم چيو ته پاڪستان قط?? سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قط?? سان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند ۽ مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان حوالي سان وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم قط?? انويسٽمينٽ اٿارٽي (ڪيو آءِ اي) جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته قط?? پاڪستان ۾ ترجيحي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌائي. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) هم آهنگي کي يقيني بڻائيندي ۽ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم قط?? جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قط??ي مملڪتي وزير پنهنجي استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس قط?? جي قيادت جو خصوصي پيغام پهچايو ۽ قط?? ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. قط?? جو مملڪتي پرڏيهي وزير قط?? جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي خصوصي ايلچي جي طور تي پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي آهي.