آستانه – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قزاخستان جي شهر آستانه پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيه?? وزير جو استقبال پرڏيه?? وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل نور سليم علي يرگيلم، آستانه ۾ پاڪستان جي سفير نعمان بشير ڀٽي ۽ پاڪستان جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر (ايس سي او) سفير مرغوب سليم ڪيو. آستانه ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار قزاخستان جي پرڏيه?? وزير سان ملاقات ڪندو ۽ ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. نائب وزيراعظم جي ڪرغز جمهوريه جي پرڏيه?? وزير جين بيڪ ڪلوبايف سان آستانه ۾ پڻ ملاقات جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي ي??ين?? بڻائڻ جي لاءِ بشڪيڪ ج?? تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.