ته??ان – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي??ان جي مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، اي??ان جي مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿي جيڪي 19 مئي 2024ع تي هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا، انهن جي ل??ءِ منعقد يادگاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم مرحوم ايراني صدر جي ايراني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – اي??ان لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي ل??ءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري پڌرائي موجب تقريب دو??ان وزيراعظم ان هال ۾ به ويو جتي مرحوم ايراني صدر جو جسد خاڪي رکيو ويو هو. وزيراعظم مرحوم صدر جي درجن جي بلندي ل??ءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم ايراني صدر جي ايراني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – اي??ان لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي ل??ءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اي??ان جي وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پا??ان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه اي??ان جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبرسان شديد صدمو پهتو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه اي??ان جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ اي??ان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مرحوم ايراني صدر پاڪستان جو عظيم دوست هو. سندس گذريل مهيني پاڪستان جي دوري دو??ان پاڪستاني عوام سان گذاريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. وزيراعظم اي??ان جي نگ??ان صدر ڊاڪٽر محمد مخبر جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرووزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.