عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اردن ۾ منعقد ٿيندڙ ”غزه جي لاءِ فوري انساني ??دعمل“ جي موضوع تي اعليٰ سط??ي ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اردن ۽ مصر سان گڏيل طور تي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي قدم کي اهڙي وقت ۾ ساراهيو جڏهن فلسطين جي عوام کي عالمي حمايت ۽ فوري انساني ??مداد جي سخت ضرورت آهي، هن عالمي سطح تي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. نائب وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائ??ل پاران طاقت جي انڌاڌنڌ ۽ وحشياڻي استعمال جي پاڪستان جي شديد ۽ واضح مذمت جو ورجاءُ ڪندي اسرائ??ل پاران ڪيل جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو احتساب ڪرڻ، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه جي گهيري ۾ ورتل ماڻهن کي بنا رڪاوٽ انساني ??مداد پهچائڻ ۽ بي گهر فلسطينين جي واپسي کي يقيني ??ڻائڻ تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي پڻ زور ڏنو ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄ??ون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري.