اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو، آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس کان اڳ هڪ وزارتي اجلاس ۽ اعليٰ عملدارن جي ميٽنگز جا ڪيترائي دور ٿيندا جنهن ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مالي، اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چ??و ته 2024ع پاڪستان ۽ ايس سي او لاڳاپن جي هڪ اهم سنگ ميل آهي ڇو ته پاڪستان وٽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گ??رنمينٽ (سي ايڇ جي) جي گردشي چيئرمين شپ آهي، جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز فورم آهي. ان حيثيت ۾ پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ??ي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. ترجمان چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب ڪندو، وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي ??سئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هن چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ??ي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ۾ آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ آهن. ترجمان چ??و ته شنگهائي تعاون تنظيم ??ي سربراهن جي ڪائون??ل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي ??سئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ??ي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ??ي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اڳ ۾ پاڪستان – آذربائيجان – ترڪيه ٽه ڌريي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چ??و ته ٽنهي اڳواڻن واپار، توانائي، سياحت، ثقافت، تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ ماحولياتي تعاون جهڙن شعبن تي ڌيان ڏيندي ٽه ڌريي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چ??و ته هي سربراهي اجلاس پرڏيهي وزيرن، پارليامينٽ جي اسپيڪرن ۽ دفاعي عملدارن جي سطح تي ٽه ڌريي مشاورت کانپوءِ ٿيندو آهي.