آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم معيشت ۽ سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ماحوليات جي تحفظ بابت معاهدي تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازقستان ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي ا??لاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) اهم علائقائي ۽ عالمي سياسي، سيڪيورٽي ۽ ??قت??ادي مسئلن، چئلينجز ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪائونسل تعاون جي مختلف شعبن ۾ اٽڪل 20 فيصلن جي منظوري ڏني. آستانه پڌرنامي کي ا??تيار ڪرڻ کانسواءِ سي ايڇ ايس ٽن بيانن کي ا??تيار ڪيو جن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي، ويسٽ مئنيجمينٽ جو موثر انتظام ۽ سٺي پاڙيسري هجڻ جا اصول شامل آهن. ڪائونسل ??قت??ادي معاهدي تي ايس سي او جي لاڳاپيل وزيرن پڻ صحيحون ڪيون. سي ايڇ ايس سربراهي ا??لاس دوران پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ”شنگهائي ا??پرٽ“ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهي. گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم گڏيل قومن جي مرڪزي هم آهنگي جي ڪردار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پراڻي تڪرارن کي پرامن طريقن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم غزه جي صورتحال تي پاڪستان جي ا??ولي موقف کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي ا??ٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ کي ايس سي او جي پو??ي خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپاري ۽ ٽرانزٽ حب جي طور تي پڻ اجاگر ڪيو. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي چيئرمين جي طور پاڪستان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ايس سي او جي سمورن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو.