اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار جده کان وطن واپس روانو ٿي ويو. پرڏيهي آ??يس موجب هوائي اڏي تي سعودي پرڏيهي وزارت جي وزير فريد الخريم، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ جده ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل خالد مجيد کي?? الوداع ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمول?? اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڪجهه ميمبر ملڪن جي هم منصبن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ والاريل فلسطيني علائقي خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي علائقائي صورتح??ل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.