رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي رح??م يار خان ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪا??ن کي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حملي آو??ن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو. گهرو وزير شيخ زيد اسپتال رح??م يار خان ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي سمورن پوليس اهلڪارن وٽ ويو ۽ کائن طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي زخمي اهلڪارن جي بلند حوصلن کي ساراهيو. هن اسپتال انتظاميه کي زخمين جي بهترين علاج جي حوالي سان پڻ هدايتون ڏنيون. ڪالهه گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ت?? اوهان جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيان ٿو، اوهان پنجاب پوليس جا بهادر نوجوان آهيو. محسن نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪا??ن کي تمغه شجاعت ڏنو ويندو ان سلسلي ۾ اسان سفارش ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جن اهو حملو ڪيو آهي انهن جو عبرتناڪ انجام ڏيندو، هي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. وفاقي حڪومت سموري مدد فراهم ڪري رهي آه?? ۽ ??ئنده به ڪندي رهندي، رينجرز به موجود آهي. ڊي جي رينجرز پنجاب، انسپيڪٽر جنرل پوليس پنجاب، گهرو سيڪريٽري پنجاب، اعليٰ ۽ سول عسڪري عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.