اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پرڏيهي ناڻي کي قانوني طريقي سان ملڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ اي – ڪامرس جي شعبي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان عرب مان??ٽر?? فنڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهد الترڪي ??لا??ات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي ناڻي کي قانوني طريقي سان ملڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ اي – ڪامرس جي شعبي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته نار ملڪن ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ رهي ٿو جيڪو هڪ وڏو پرڏيهي ناڻي پاڪستان موڪلي ٿو، بونا ۽ راست جي تعاون سان پاڪستان ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ ڊيجيٽل رابطو قائم ٿيڻ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته بونا – راست ڪنيڪٽيويٽي پراجيڪٽ ملڪ ۾ ڊيجيٽل ڏيتي ليتي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، اهو اهم قدم ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جي وهڪري کي باضابطا بڻائيندو ۽ ڊيجيٽل گورننس جي نظام کي بهتر بڻائيندو. وزيراعظم چيو ته بونا – راست سان ان پرڏيهي ناڻي کي آسان ۽ سستي طريقي سان پاڪستان موڪلي سگهبو، بونا – راست اسان جي گڏيل ويزن جو عڪاس آهي. ڊاڪٽر فهد چيو ته پاڪستان عرب دنيا کان ٻاهر عرب مان??ٽر?? فنڊ جي منصوبي بونا سان ??نڍ??ندڙ پهريون ملڪ آهي، بونا – راست جي ڪري ٻنهي طرفن جي م??يشت گڏيل تعاون ۽ اعتماد سان ترقي ڪندي.