ڪراچي- 22 آگسٽ (اي ??ي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ ??ڳو??ي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ضلعي اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻن شاگردياڻين جي شه??دت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بي??ن موجب پ پ چيئرمين چيو ته معصوم جانين جي شه??دت جي خبر ٻڌي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ته شاگردن جي رت ۾ رڱيل هٿ وحشين جا آهن جن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري شهيد شاگردن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ت?? مون سميت پورو پاڪستان متاثر خاندانن سان گڏ آهي، الله تعاليٰ کين صبر عطا فرمائي.