اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)ملڪي مٽاسٽا جي ??خيرن ۾ ج??ري ڪئلينڊر سال دوران 1.994 ارب ڊالرز جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جار?? ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.673 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو، جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ??خيرن جو ڳاڻيٽو 8.233 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ??خيرن جو ڳاڻيٽو 4.440 ارب ڊالرز هو. 16 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.667 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ??خيرن جو ڳاڻيٽو 9.292 ارب ڊالرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ??خيرن جو ڳاڻيٽو 5.376 ارب ڊالرز هو. جاري ڪئلينڊر سال جي ??روعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ??خيرن ۾ 1.058ارب ڊالرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ??خيرن ۾ 936 ملين ڊالرز جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.