اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان برادر ملڪ ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ ??اڳ??پن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پڪاسي سان الوداعي ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پاڪست??ن ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻن ??اڳ??پن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير پاڪست??ن ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن ??اڳ??پن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ ڀائراڻا ??اڳ??پا قائم آهن جيڪي گڏيل قدمن ۽ ثقافت جي عڪاسي آهن. ناڻي واري وزير ترڪيه جي واپار واري وزير جي قيادت ۾ واپاري وفد جي تازو پاڪستان جي دؤري جو به ح??ال?? ڏنو ۽ چيو ته ان دؤري دوران توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيون راهون تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي ترڪيه جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل تعاون ۽ حمايت کي ساراهيو. ڌُرين ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ شين ۾ واپار جي گڏيل معاهدي جو به ح??ال?? ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ ٻه طرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف جي ح??ال?? سان اهم قدم آهي. هن حڪومتي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي وڌيڪ قدمن جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير عهدو ڇڏيندڙ سفير لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ت?? هو پاڪست??ن ۽ ترڪيه وچ ۾ پائيدار دوستي لاءِ پنهنجو ڪردار ايندڙ وقتن ۾ به جاري رکندو. هنن گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.