اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ زندگي خطري ۾ وجهي انسانيون حياتيون بچائڻ بهادري آهي، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله تي پو??ي قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي علائقي قلعه عبدالله ۾ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله سان ڳالهائيندي ڪيو. هن محب الله کي 25 ??ک رپيا انعام ڏنو ۽ سندس ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ ٻين سهولتن جو پڻ اعلان ڪيو. هن وزيراعظم هائوس اچڻ تي محب الله کي ڀليڪار چيو. وزيراعظم محب الله جي انساني حياتيون بچائڻ جي جذبي کي ساراهيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مون سميت پو??ي قوم کي توهان تي فخر آهي. توهان جي انسانيت سان ??حبت جي جذبي جي دل سان ??در ڪريان ??و. وزيراعظم چيو ته توهان ??وم جا هيرو آهيو، توهان ??مت سان ڪم وٺي قيمتي انساني حياتيون بچايون. اهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي انساني حياتيون بچائڻ بهادري جو ڪم آهي. وزيراعظم محب الله جي بهادري جي اعتراف ۾ کيس حڪومت پاران 25 ??ک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزيراعظم محب الله جي ٻارن جي لاءِ يونيورسٽي تائين جي تعليم مفت ۽ ان جي خاندان کي صحت جي مفت سهولتن جي فراهمي ??و پڻ اعلان ڪيو. ان ??وقعي تي محب الله وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان سان ??لاقات منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ماڻهن جون حياتيون بچائڻ وقت قطعي طور تي اهو نه سوچيو هو ته اها ڳالهه پوري ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ حڪومت جو ٿورائتو آهيان جو هن ان ??دم کي ساراهيو ۽ منهنجي لاءِ قيمتي وقت ڪڍيو. وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم پاران عزت افزائي تي دل سان ان جو ٿورائتو آهيان.