لاهور -11 سيپٽمبر (اي پي پي) لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پي ڊي ايم اي پنجاب جي ??رج??ان مطابق ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ڊيره غازي خان شادي والا جڏهن ته اونهائي 10 ڪلوميٽ?? هئي. سڄي پنجاب جي انتظاميه عمارتن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي. زلزلي جي آفٽر شاڪس کي منهن ڏي?? لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو آهي، ته صوبائي ڪنٽرول روم سميت سڄي پنجاب جي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽرز به الرٽ آهن. زلزلي جي نقصانن جا اطلاع پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائين نمبر 1129 تي ڏئي سگهجن ٿا.