اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پ?? پي) ترڪمانستان، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پ??ڪ) تحت گوادر بندرگاهه تائين رسائي حاصل ڪندڙ پهريون وچ ايشيائي ملڪ هوندو. اختيارين مطا??ق ??وادر بندرگاهه سي پ??ڪ جي م??ڪز ۾ واقع آهي، جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جو هڪ حصو آهي جنهن تحت بيجنگ پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ 60 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جو وعدو ڪيو آهي. ان جو مقصد پاڪستان ۾ روڊن، ريلوي، پائيپ لائينن ۽ بندرگاهن جي نيٽ ورڪ ذريعي چين کي عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ اسلام آباد کي پ??هنجي م??يشت کي هٿي ڏيڻ ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان رپورٽ ۾ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جلد ئي ان سلسلي ۾ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪندا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته حڪومت سي پ??ڪ تحت گوادر پورٽ ۽ ترڪمان باشي پ??رٽ وچ ۾ معاهدي جي م??ودي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان پهرين ئي م??تلف گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ترڪمانستان- افغانستان- پاڪستان- ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين، ريلوي ٽريڪ ۽ فائيبر ڪنيڪٽوٽي شامل آهن، ته جيئن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا کي ملائي سگهجي. پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ جيو پوليٽيڪل پوزيشن مان ف??ئد?? کڻڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن کي باقي دنيا سان ڳنڍيندڙ هڪ اهم واپاري ۽ ٽرانزٽ حب طور پنهنجي ڪردار کي وڌائڻ جي اميد رکي ٿو.