دوشنبي-10 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي وز??راعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد ??ان تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي پهچي ويو آهي. دوشنبي پهچڻ تي سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو. دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪستان جي مجلس نمائندگان جي قانونسازي ۽ حقن واري ڪميٽي جي چيئرمين رو وشان رجب زودا سندس والهاڻو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سرڪاري عهديدار به موجود هئا جن گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي و??يڪ هٿي ڏيڻ، اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن جو حصو آهي. ان دوران مختلف ٻطرفن معاهدن ۽ حصيدارين تي به خيالن جي ڏي وٺ ??توقع آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئين راهه ملندي.