??يو??ارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا مع??شي استحڪام ۽ ترقي کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي ??ضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي حوالي سان 37 مهينن جي ڪامياب اسٽاف ليول مع??هدي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??يو??ارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جي ملاقات ٿي. پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي حوالي سان 37 مهينن جي ڪامياب اسٽاف ليول ايگريمنٽ جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيندي وزيراعظم اداراجاتي سڌارن جي لاڳو ۽ نجي شعبي جي ترقي کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم آءِ ايم ايف جي فنر مدد ۽ صلاحيت سازي جي پروگرامن کي ??ڻ ساراهيو جنهن سان ملڪ جي ادارن کي ??ضبوط بڻائڻ ۽ ان جي مع??شي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پنهنجي اداري پاران پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ جامع ۽ پائيدار ترقي کي ??روغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران هن موسمياتي تبديلي جي لاءِ موافقت جي مالي مدد کي ??تحرڪ ڪرڻ جي فوري ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاسن دوران ناڻي واري وزير کي آءِ ايم ايف جي سينيئر انتظاميا سان ان اهم مسئلي کي اٿارڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مع??شي استحڪام ۽ ترقي کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي ??ضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو.