ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وف??قي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته گڏيل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ روس جي واپاري لاڳاپن ک?? ھٿي وٺرائڻ چاھيون ٿا.سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري پڌرائي مطابق وف??قي وزير ماسڪو ۾ پاڪ – روس بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. فورم ۾ پاڪستان جي 60 ڪ??پن??ن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وف??قي وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس سيشن ک?? خصوصي طور خطاب به ڪيو. وف??قي وزير فورم ۾ شرڪت دوران روس جي صنعت ۽ واپار واري وزير سان ملاقات کان علاوه ماسڪو ۾ روس جي واپاري برادري سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ان موقعي تي وف??قي وزير عبدالعليم خان جي ماسڪو چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس ايسوسي ايشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ٿيندي. واضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ڏينھن واري دورو دوران روس جي ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ڪندو. روس جي دوري ۽ فورم جي حوالي سان وف??قي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته روس جي دوري سان ٻنھي م??ڪن جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيون ٿا. گڏيل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪستان جي ماتحت ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيون ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ روس جي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو جنھن سان پاڪ – روس واپاري لاڳاپن ک?? ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.