اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيل??ني چيو آھي ته پاڪ – چين دوستي علائقائي استحڪام لاءِ اسان جي گڏيل ويزن جي عڪاسي آھي، ٻنھي ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام۽ ڀائيچاري تي ٻڌل پائيدار سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ويندو.سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين چين جي يوم تاسيس تي پنھنجي پيغام ۾ چيو ته جمھوريه چين جي يوم تاسيس جي موقعي تي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سميت چيني اڳواڻن ۽ عوام کي دلي واڌايون پيش ڪيا ٿو.ھن چيو ته چيئرمين ما??وز?? تنگ جي قيادت تعريف جوڳي آھي جنھن جي سھڪار چين کي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي ڏانھن راغب ڪيو ۽ چين کي عالمي اقتصادي طور طاقت طور قائم ڪيو. پاڪ – چين دوستي علائقائي استحڪام لاءِ اسان جي گڏيل ويزن جي عڪاسي آھي. ھن چيو ته چين ۽ پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) جھڙا گڏيل منصوبا علائقي جي تر??ي لاءِ انتھائي اھم آھن. سيد يوسف رضا گيل??ني چيو ته علائقي جي تر??ي لاءِ اقتصادي راھداري وارو منصوبو وڌيڪ اھميت رکي ٿو ۽ اھو پاڪستان جي معيشت ۾ اوسر جو سبب بڻجندو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا جيڪي گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري تي قائم آھن انھن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ويندو ۽ پاڪستان ۽ چين دوستي سبب ٻنھي ملڪن ۾ وسيع معنيٰ ۾ علائقي لاءِ مثالي موقعا پيدا ٿيا آھن.