اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بح??يه کي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جي وڏي ۽ ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پاڪ بح??يه کي ساراهيندي چيو ته پاڪ بح??يه جي ملڪ دشمن ۽ ڏوهار?? پيشي عنصرن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر عرب سمنڊ ۾ ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪامياب آپريشن پاڪ بح??يه ج?? پيشيواراڻي صلاحيتن جي عڪاس آهي. گڏيل آپريشن ۾ پاڪ بح??يه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ۽ پاڪس??ان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي جهاز پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي بح??يه جي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پاڪ بح??يه جي هوائي جهازن پڻ مدد فراهم ڪئي. صدر پاڪس??ان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پاڪ بح??يه جي ڪردار کي ساراهيو.