اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ 26هين نيشنل سيڪيورٽي ور??شا?? جي 95 شرڪت ڪندڙن جي هڪ گروپ پرڏيهي وزارت جو دورو ??يو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ انهن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، چئلينجز ۽ ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي ڪم بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. سيشن جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي سيڪريٽري حاضرين جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان فڪران??يز ڳالهه ٻولهه ڪئي.