اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته بو??نيا جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ??يڪريٽري جنرل ايڊن دلبرووچ ڪئي. ڌرين اعليٰ اعتماد ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ماحول ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي ??موري دائري جو ٺوس جائزو ورتو. هنن سياسي، واپاري، اقتصادي، سماجي، انساني بنيادن تي لاڳاپن کي وڌ??ڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڊن دلبرووچ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ ملاقات پڻ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو.