اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي ??زي?? شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته موج??ده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، سمارٽ فون فار آل پاليسيءَ تي ڪم جاري آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قطر ۾ رٿيل ڪانفرنس جنهن جو عنوان ”ڊجيٽلائيزيشن اينڊ وومن ان پوليٽيڪس“ سان وڊيو ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موج??ده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري آهي، ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ سان عورتن کي با??خت??ار بڻائي سگهجي ٿو. مملڪتي ??زي?? چيو ته حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، عورتن جي موبائل فون، آءِ سي ٽي جي استعمال ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن جي سياست ۾ اچڻ لاءِ سماجي، معاشي رڪاوٽون آهن. ڊجيٽلائزيشن ذريعي عورتن کي با??خت??ار بڻائي قومي سياسي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي ??زي?? چيو ته عورتن جي ڊجيٽل اڪانومي تائين پهچ لاءِ جينڊر ڊجيٽل ڊوائيڊ پاليسيءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ??زي??اعظم فري ليپ ٽاپ اسڪيم ڊجيٽل ٽولز جي پهچ ۾ اهم ڪردار اد?? ڪري رهي آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسي تي ڪم جاري آهي.