اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ معصوم شهرين بشمول عورتن ۽ ٻارن جي قافلي تي شرپسندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين، معصوم شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت مارجي ويل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. ??زي??اعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم حملي آورن جي نشاندهي ڪري ??نهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي امن جي دشمنن معصوم شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. ??زي??اعظم چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. ??زي??اعطم چيو ته واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن جي نشاندهي ڪري ??نهن کي مثالي سزا ڏني ويندي، تخريبڪار اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري ??گهن. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته شرپسند عنصر جيڪي معصوم شهرين جو رت وهائين ٿا، اهي مسلمان ته ڇا انسان سڏرائڻ جي به لائق نه آهن.