ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روس جي هم منصب ۽ ملڪ جي هيٺين ايوان اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وڪٽورووچ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پا??ست??ن روس سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. سردار اياز صادق اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي روس جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي ان جو ٿورو مڃيو. اسپيڪر سردار اياز صادق ايندڙ اسپيڪر ڪانفرنس ماسڪو ۾ ڪرائڻ جي تجويز پڻ ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز سان اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ آئنده اسپيڪر ڪانفرنس ۾ واپاري برادري کي به دعوت ڏيڻ جو چيو. اسپيڪر ڪانفرنس جو آئنده اجلا?? 2025ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. روس جي اسٽيٽ ڊوما ۽ پا??ست??ن جي قومي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻنهي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ۽ سندس وفد پاران والهاڻو استقبال ڪرڻ ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر پنهنجي روس جي هم منصب کي پا??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين اسپيڪر جي دعوت قبول ڪندي جلد پا??ست??ن جو دورو ڪ??ڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پا??ست??ن جو پارلياماني وفد ۽ اسٽيٽ ڊوما جا ميمبر به موجود هئا. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين اسٽيٽ ڊوما آمد تي اسپيڪر ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪيو.