ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) پا??ستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پا??ستان جي ڪا??يا??ي تي قومي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪا??يا??ي قوم لاءِ بي پناهه فخر ۽ مسرت جو سبب آهي، رانديگرن جي محنت، لڳن ۽ ناقابل شڪست جذبي ثابت ڪيو ته ڪا به رڪاوٽ ناقابل عبور ناهي، اها ڪا??يا??ي پا??ستان ۾ خصوصي ماڻهن جي صلاحيتن ۽ عزم جو چٽو ثبوت آهي. بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته ان فتح مان ظاهر آهي ته پا??ستاني قوم هر شعبي ۾ عظمت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اميد آهي ته اسان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ به ملڪ لاءِ وڌيڪ ڪا??يا??يون حاصل ڪندي رهندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي خصوصي ماڻهن لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرم عمل رهندي.