اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز پاران خيبرپختونخواهه ۾ ٻن مختلف آپريشنز ۾ 8 خوارج مارڻ تي فورسز کي خراج تحسي?? پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب صدر ڏکڻ وزيرستان ۽ لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن آپريشن دوران دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث گهربل دهشتگرد جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چي?? ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي لاءِ پور?? قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ج?? قومي عزم جو اظهار ڪيو.