اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان ڪ??ڪيٽ ٽ??م کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ شاندار ڪاميا??ي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار فتح تي سڄي قوم کي ??بارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي ٽيم ون ڊي سيريز دوران بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ سيريز ۾ مخالف ٽ??م کي ڪلين سوئيپ ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به قومي ٽيم اهڙين ڪ??ميابين جو سلسلو جاري رکندي. صدر مملڪت پاڪستان ڪ??ڪيٽ ٽيم جي مستقبل لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.