اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سيئول ۾ پاڪستا?? جي سفارتخاني ۾ ڪوريا ايگزم بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي ڊي سي آپريشن گروپ، ام سونگ يونگ سان ملاقات ڪئي. پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري ترقياتي منصوب?? جي اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ تعاو?? جي موقعن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ام سونگ يونگ پاڪستان ۾ جاري رٿائن جا تفصيل فراهم ڪيا ۽ ا?? جي منظوري، جاچ ۽ عملدرآمد جي عمل تي روشني وڌي. هن منصوبن کي تصوراتي مرحلي کان وٺي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ پاڪستاني کات?? جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته اڪنامڪ ڊولپمينٽ ڪوآپريشن فنڊ (اي ڊي سي ايف) تحت 2022ع ??ان 2026ع تائين پاڪستا?? جي ترقياتي منصوبن لاءِ 1.1 ارب ڊالر رکيا ويا آهن جڏهن ته هن وقت تائين ٻن منصوبن لاءِ 113 ملين ڊالر?? جي منظوري ڏني وئي آهي باقي منصوب?? جي منظوريءَ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت ??هي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستا?? جي عالمي ترقياتي حصيداريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ج?? ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ تعاو?? جي اميد ظاهر ڪئي. وفاقي وزير ڪوريا ايگزم بئنڪ جي اي ڊي سي ايف فنڊز کي هڪ ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي ٿورو مڃيو. وفاقي وزير ڪوريا ايگزم بئنڪ تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۾ هڪ ڪنٽري آفيس قائم ڪري ته جيئن منصوب?? جي منظوريءَ جي عمل کي تيز ۽ هم آهنگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. وفاقي وزير بئنڪ کان درخواست ڪئي ته هو 12 التوا هيٺ منصوبن جون رسمي ڪارروايون جلد کان جلد مڪمل ڪري ته جيئن ان تي وقت سر عملدرآمد ٿي سگهي. هن 2022ع ??ان 2026ع دوران رکيل 1.1 ارب ڊالر جي فنڊ جي مؤثر استعمال تي زور ڀريو ۽ ان عمل کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ترقياتي رٿائن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۾ ڪوريا ايگزم بئنڪ جي ڪنٽري آفيس جي قيام کي ان ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.