اسلام آباد – 16 ف??بر??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هو پاڪستان بحريه ج?? بهترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٽوئيٽر بيان ۾ صدر چيو ته ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 2021ع بحر هند ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته امن 2021ع مشقون سامونڊي واپار ۽ سمنڊ ۾ معدني ??سي??ن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آهن. ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بحريه ج?? ترجمان مو??ب بحيره عرب ۾ مو??ود پاڪ بحريه ج?? جهاز جي اچڻ تي اميرالبحر صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي صدر کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن صدر کي سلامي پڻ پيش ڪئي.