اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف ??نگ پاڪستان لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي، اڳتي اسان ڪنهن به جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، پاڪستان افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جا اخ??لاف ??تم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار کي آسان بڻائي رهيا آهيون، پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ ويزا ۾ نرمي سميت ڪيترائي سڌارا آندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.