لاهور – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايڊورٽائيزنگ، مارڪيٽنگ ۽ ميڊيا جي شعبن سان ??علق رکندڙ ناليوارين ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن گم ٿيل ٻارن ??ي ڳولا ۽ ڏاج جي وبا جي خاتمي لاءِ ٽرڪ آرٽ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو خيال پيش ڪندي چيو آهي ??ه ايڊورٽائيزنگ ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ايڊورٽائيزنگ انڊسٽري لاهن چاڙهن جي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ بهتري طرف گامزن آهي، اميد آهي ??ه اها انڊسٽري ٻيهر پنهنجي بلندين تائين پهچندي، برانڊ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ايڊورٽائيزنگ جو شعبو انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ اسان ??شتهارن ??ريعي ڪيترين ئي قدرتي آفتن کان ??ه بچي سگهون ٿا، 31هين ايڊ ايشيا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ نه رڳو ملڪي ??طح پر عالمي ??طح تي ايڊورٽائيزنگ کي مثبت انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽن ڏي??هن واري ايشين ايڊورٽائيزنگ ايڊ ايشيا ڪانفرنس 2019ع جي افتتاحي ڏي??هن مختلف سيشنز ۾ ڪيو ويو، جيڪا صوبائي گادي واري شهر لاهور ۾ الحمرا هال ۾ شروع ٿي.