اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ملاقات ڪئي آهي ۽ کيس واپاري برادري جي لاءِ معاشي پئڪيج ۽ احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام سميت ٻين معاملن ??ي بريفنگ ڏني آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ناڻي واري صلاحڪار وز??راعظم کي ٺوس معاشي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو اعلان حڪومت واپاري برادري، ايس ايم ايز ۽ عوام ج?? مدد لا??ِ ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي قرض ملتوي ڪرڻ، نوان قرض سبسڊي تي ڏيڻ، ٽيڪس ري فنڊ ذريعي روڪ رقم جي منتقلي، سماجي تحفظ جي احساس ڪيش ٽرانسفر پروگرام تي خاص ڌي??ن ڏنو ويندو.