اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورنا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ اسان جو چئلينج ترقي يافته ملڪن کان وڏو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي وبا سان گڏوگڏ غربت ۽ بک کان به بچائڻو آهي، قوم ڪورونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿي وڙهي، عوام رمضان ال??با??ڪ ۾ مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ 20 نقاطي گا??يڊ لائينز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي، ڪنهن به علائقي ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو هجڻ تي ف??صلي تي نظرثا??ي ڪئي ويندي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراع??م چيو ته ڪورونا جو چئلينج ڪيتري دير تائين رهندو ان بابت ڪو به اندازو نه ٿو هڻي سگهجي، ان لاءِ هاڻي مختلف ملڪ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو طريقو اختيار ڪري رهيا آهن.