اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عوي جي صدارت ۾ اجلاس ۾ محرم الحرام جي دوران مجلسن ۽ جلوسن ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد لاءِ 20 نڪاتي ايس او پيز تي اتف??ق ڪيو ويو آهي. ڪورونا وبا جي پيش نظر محرم الحرام جي جلوس ۽ مجلسن جي دوران معياري آپريٽنگ طريقيڪار (ايس او پيز) جي تياري ۽ ڪووڊ 19 جي ازالي لاءِ رهنما اصولن تي عملدرآمد ?? تعاون ڪرڻ جي لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مشهور شيعه عالمن جي فڪري ويهڪ جي ايوان صدر اس??ام آباد ۾ صدارت ڪئي.