اسلام آباد ?? 15 ??ولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو. پاڪ قطر لاڳاپن کي هڪ مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه صدر پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني سان ڳالهائيندي جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي قطري سفير کي ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چي?? ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پاڪ قطر لاڳاپن کي هڪ مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، صدر چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا زبردست امڪان موجود آهن. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن ۽ قطر کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي.