اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران مختلف موبائيل ??مپ??ين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، موبائيل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي وڌيڪ بهتري جي حوالي سان اسپيڪٽرم نيلامي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظه??، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، پي ٽي اي جي چيئرمين، فريڪوينسي ايلوڪيشن بورڊ جي چيئرمين شڊرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مختلف موبائل ??مپ??ين پاران نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موبائل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي سروسز جي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم مختلف ??مپ??ين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي.