اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ا?? سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر ج??ري ڪري ڇڏيا آهن. ڇنڇر ڏينهن اين سي ا?? سي مان ج??ري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 319 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 22 هزار 434 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزار 247، پنجاب ۾ 9 هزار 603،خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 556، اسلام آباد ۾ 3 هزار 04، بلوچستان ۾ 473، گلگت بلتستان ۾ 276، آزاد ڪشمير ۾ 275 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 80 هزار 340 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 112 مريض آهن، هن وقت ??ڄي ملڪ ۾ گذريل24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 748 آهي، هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 95 هزار 372 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 ه??ار 290، بلوچستان ۾ 12 هزار 804، گلگت بلتستان ۾ 2 ه??ار 832، اسلام آباد ۾ 15 هزار 579، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 971، پنجاب ۾ 96 هزار 699 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 29 هزار 179 مريض آهن.