اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير جي منصفاڻي حل جي لاءِ ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آ??ي، دنيا جي سڀ کا وڏي جمهوريت جو دعويدار ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين تي بندشن جا پهاڙ بيهاري ڇڏيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ صحافت جو آواز دٻايو پيو وڃي، ڀارت خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستا?? جي اندر به دهشتگردي ۾ ڀارت ??لڀوشن ياديو جي شڪل ۾ سڌوسنئون ملوث آهي. هو اطلاعات ?? نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ علائقائي ۽ عالمي ڏس ۾ ڀارت جي پرڏيهي پاليسي جي ڊي ڪوڊنگ جي عنوان سان پينل بحث ۾ ڳالهائي رهيو هو.