گڏيل قومون – پهرين آڪ??وبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مقامي آبادي جو تعاون حاصل آهي، پا??ستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن ۾ حياتياتي اوسر بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان بايوڊائيورسٽي ليڊر ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم پا??ستان عمران خان بائيو ڊ??ئيورسٽي ليڊر سمٽ جو اهتمام ڪرڻ تي گڏيل قومن سان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پا??ستان جو شمار انهن خوش قسمت ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه تائين متنوع آهي، پا??ستان ۾ 12 موسمياتي زونز آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ لاهين وارا علائقا موجود آهي، پا??ستان جي اتر ۾ بلند ترين جابلو سلسلو واقعي آهي جڏهن ته دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو هتي واقع آهي، ان کانسواءِ هتي 2 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل ساحلي پٽي به موجود آهي.